47

شيخوپوره ڀرسان زائرين جي بس حادثي جو شڪار، 6 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

شيخوپوره: شيخوپوره ڀرسان موٽر وي تي خانقاهه ڊوگران انٽرچينج ويجهو زائرين جي بس حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب شيخوپوره موٽر وي تي خانقاهه ڊوگران انٽرچينج ويجهو زائرين جي بس تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 6 زائرين فوت جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

شيخوپوره ضلعي انتظاميه جي ترجمان موجب زائرين جي بس کي حادثو تيز رفتاري، اوور لوڊنگ ۽ ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو آهي جڏهن ته زائرين جي بس جو ڊرائيور حادثي کان پوءِ موقعي تان فرار ٿي ويو.

ترجمان موجب اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122جون  امدادي ٽيمون زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کان پوءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. زخمي زائرين کي فوري طور آر ايڇ سي خانقاهه ڊوگران ۽ تعلقه هيڊ ڪوارٽر صفدر آباد منتقل ڪيو ويو آهي. ڳڻتي جوڳي حالت وارن زخمي زائرين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال شيخوپوره منتقل ڪيو ويو آهي.

شيخوپوره جي ڊپٽي ڪمشنر سرمد تيمور بس حادثي ۾ زائرين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته افسوسناڪ حادثي ۾ زائرين جي فوت ٿيڻ تي دلي صدمو پهتو آهي. فوت ٿيل زائرين جي وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں