61

سنڌ ۾ ڪنهن به سياستدان جي خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي: نگران گهرو وزير

ڪراچي: سنڌ جي نگران گهرو وزير بريگيڊيئر(ر) حارث نواز چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به سياستدان جي خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي.

گهرو وزير حارث نواز چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به خلاف سياسي زيادتي نه پئي ڪئي وڃي ۽ نه ئي صوبي ۾ ڪنهن سياستدان جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ صرف نيب ۽ ڪرمنل ڪيسز هلي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪابه اسٽاپ لسٽ نه آهي جڏهن ته ڪنهن جي به گهر مان ڪابه رقم هٿ نه آئي آهي.

نگران گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به سياستدان جي گهر تي ڇاپا نه پيا هنيا وڃن، حڪومت کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ اهڙي قسم جون افواهون هلايون پيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں