57

عوام جي لاءِ ٻيهر پيٽرول بم تيار، 15 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان

اسلام آباد: ايندڙ هفتي پيٽروليم شيون في ليٽر 15 روپين تائين مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.

هڪ هفتي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جو تيل 5 ڊالر في بيرل مهانگو ٿي چڪو آهي. هڪ نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جون قيمتون مهانگيون ٿيون آهن جنهن سبب پاڪستان ۾ مهانگائي جي نئين طوفان جا خدشا جنم وٺي رهيا آهن.

ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ لاٿ نه ٿي ته 16 سيپٽمبر کان پيٽروليم شين جون  قيمتون وڌيڪ وڌي سگهن ٿيون. رپورٽ موجب گلف مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمت 88 ڊالر في بيرل کان وڌي 93 ڊالر تائين پهچي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں