54

ايس ايس پي گهوٽڪيءَ ڊيوٽي ۾ غفلت جي الزام ۾ ايس ايڇ او کي هٽائي ڇڏيو

گهوٽڪي : ايس ايس پي گهوٽڪيءَ ڊيوٽي ۾ غفلت جي الزام ۾ ايس ايڇ او کي هٽائي ڇڏيو

 ايس ايس پي گهوٽڪي منير احمد کهڙو ڊيوٽي ۾ غفلت جي الزام ۾ ايس ايڇ او باغن گهوٽو کي هٽائي ڇڏيو آهي

ايس ايس پي پاران ٻن پوليس اهلڪارن عبدالفتاح سومرو ۽ جمال ملاڻو کي ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب ايس ايس پي گهوٽڪي اهلڪارن کان پڇا ڪئي ته ڌاڙيلن جي پڪٽ تي حملي وقت توهان ڪٿي هئا؟

ايس ايس پي اهلڪارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڌاڙيلن حملي جي وقت اوهان کان هٿيار ڪيئن ڦر ڪيا، لاپروائي تي خاموش نه رهندس

ايس ايس پي منير احمد کهڙو چيو ته ڊيوٽي تان غيرحاضر ۽ ڪوتاهي ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں