47

آئيني مسئلن ۾ منجهائي سپريم ڪورٽ جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته فيبروري 2023 ۾ سپريم ڪورٽ جي سامهون ڪيترائي آئيني ڪيس آيا، آئيني مسئلن ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو.

نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته سخت امتحان ۽ ماحول جو ڪيترائي ڀيرا عدالت پاڻ شڪار بڻجي. جيڪي واقعا پيش آيا انهن کي ٻيهر نٿو ورجائڻ چاهيان، ان سان عدالتي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي. سمورا واقعا آڊيو ليڪس ڪيس ۾ پنهنجي فيصلي جو حصو بنائڻا آهن.

عمر عطا بنديال چيو ته بطور چيف جسٽس جي آخري ڀيرو نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو  آهيان ۽ ٿي سگهي ٿو ته هي منهنجو آخري خطاب هجي. گذريل سال عدالت جي هڪ سالن جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي هئي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مقرري جي هڪ سال ۾ سپريم ڪورٽ رڪارڊ 23 هزار ڪيس اڪلايا ۽ ان کان اڳ هڪ سال ۾ اڪلايل ڪيسن جو  وڌ کان وڌ انگ 18 هزار هو.

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ڪوشش هئي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيس 50  هزار کان  گهٽ ٿي سگهن. پر اسان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 2 هزار گهٽ ڪري سگهياسين.

نامزد نئين چيف جسٽس فائز عيسيٰ بابت هن چيو ته منهنجي نئين ايندڙ چيف جسٽس کان مختلف راءِ ٿي سگهي ٿي پر نئون ايندڙ چيف جسٽس تعريف جوڳو انسان آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ميڊيا معاشري جون اکيون ۽ ڪن آهن پر منهنجي حوالي سان ميڊيا ۾ غلط رپورٽنگ به ڪئي وئي. گڊ ٽو سي يو واري منهنجي جملي کي غلط رنگ ڏنو ويو. شارٽ اينڊ سوئٽ ججمنٽ جي باري ۾ آبزرويشن ڏني جنهن تي غلط رپورٽنگ ٿي جيڪو ڪجهه ٿيو  ان کي ختم ٿو ڪريان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں