57

آمريڪا ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي: نائن اليون حملن کي 22 سال گذري ويا

نيويارڪ: 22 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ دهشتگردي جي اها ڪارروائي ٿي هئي جنهن دنيا جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙي حملي ۾ 2977 ماڻهو مارجي ويا هئا جن ۾ اڪثريت جو تعلق نيو يارڪ سان هو. اهڙن حملن جي منصوبه بندي القاعده نالي پابندي مڙهيل تنظيم افغانستان مان ڪئي هئي.

11 سيپٽمبر 2001 جو سج آمريڪا لاءِ قيامت بڻجي اڀريو، جڏهن دهشتگردن هاءِ جيڪ ڪيل 2 جهاز نيويارڪ ۾ موجود ورلڊ ٽريڊ سينٽر سان هڪ ٻئي پٺيان ٽڪرائي ڇڏيا جنهن سبب دنيا جي بلند ترين عمارت منٽن ۾ پٽ پئجي وئي.

هن حملي ۾ 2977 آمريڪي ۽ پرڏيهي شهري مارجي ويا جڏهن ته 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. حملي ۾ 10 ارب ڊالر جو مالي نقصان به ٿيو، ساڳئي ڏينهن2 وڌيڪ جهاز به هاءِ جيڪ ڪيا ويا جن مان هڪ پينٽاگون ويجهو ۽ ٻيو جهنگ ۾ ڪري تباهه ٿيو هو.

ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کان پوءِ سڄي دنيا ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت جي هڪ نئين لهر جنم ورتو. آمريڪا طرفان اهڙن حملن جي ذميواري عالمي دهشتگرد تنظيم القاعده مٿان  وڌي وئي. اڻپورن ثبوتن جي باوجود ان وقت جي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش افغانستان تي جنگ مڙهي ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ دهشتگردي جي جن سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو.

افغانستان تي آمريڪي حملي ۾ ويڙهاڪن سان گڏوگڏ هزارين افغان شهري به مارجي ويا هئا. جڏهن ته ڪيترائي بي گهر به ٿي ويا پر آمريڪا کي انهي جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں