54

صدر عارف علوي سان نگران قانون واري وزير جي ملاقات، عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وفاقي قانون ۽ انصاف واري وزير احمد عرفان اسلم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.

ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان موجب صدر عاف علوي سان نگران قانون واري وزير جي اها هڪ هفتي دوران ٻئي ملاقات آهي جيڪا عام چونڊن تي جاري مشاورت جي حوالي سان ڪئي وئي. ملاقات جي دوران آئيني ۽ قانوني معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.

ترجمان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مشاورتي عمل جو سٺي نيت سان جاري رهڻ جمهوريت جي لاءِ مثبت آهي. ياد رهي ته صدر عارف علوي جون نگران قانون واري وزير سان ملاقاتون اهڙي وقت ۾ ٿي رهيون آهن جڏهن صدر عارف علوي اليڪشن ڪميشن، سياسي پارٽين ۽ ٻين ڌرين وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ طئي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن يا صدر عارف علوي جو اختيار آهي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن هلندڙ سال چونڊن جو امڪان رد ڪري چڪي آهي ڇو ته نئين ڊجيٽل آدمشماري جي تحت تڪ بندين سبب 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ممڪن نه ٿينديون. جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 224 جي تحت چونڊون منعقد ڪرڻ جي تاريخ 9 نومبر تي ختم ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں