43

ملڪ جي سياست ۾ ايندڙ 10 ڏينهن دوران اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ ايندڙ 10 ڏينهن اهم آهن، انهن 10 ڏينهن ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل  پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشد احمد چيو ته مسئلو سياست جو نه آهي غربت ۽ معيشت جو آهي. جيڪي 16 مهينن جي لاءِ غريب کي ريليف ڏيڻ آيا هئا اهي غريبن کي تڪليفون ڏئي پرڏيهه روانا ٿي ويا آهن. 16 مهينن ۾ هنن پنهنجا سمورا ڪيس به ختم ڪرايا ۽ ملڪ جي ناڻي جي ڦرلٽ به ڪئي هنن غريب کي اونداهي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو.

شيخ رشيد چيو ته جيڪي چوندا هئا اسان رياست بچائڻ آيا آهيون انهن رياست کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو. ڇو ته عوام جو نالو ئي رياست آهي. عوام ئي 16 مهينن ۾ تباهه برباد ٿي وئي. جيستائين عوام خوشحال نه ٿيندي ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، ڪاروبار جو ڦيٿو نه هلندو ۽ جيستائين ڪاروبار جو ڦيٿو نه هلندو ملڪ جون معاشي ۽ اقتصادي حالتون بهتر نه ٿينديون.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن غريب کي بنيادي زندگي جي ضرورت جون شيون نه ملنديون ۽ اهي سندس پهچ کان ٻاهر هونديون ته هو ڪيئن زندگي گذاريندو. لنڊن ۾ ويٺل ماڻهون سڪون سان زندگي جا مزا ماڻي رهيا آهن انهن کي اهو به احساس نه آهي ته پاڪستان ۾ غريب تي بجلي، پيٽرول، اٽي ۽ کنڊ جا بم ڪيرايا پيا وڃن جيڪو سڀ ڪجهه انهن جو ڪيل آهي پر هاڻ ان جي انهن کي فڪر نه آهي.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته گرفتارين سان مسئلن جو حل نه نڪرندو. لياقت علي خان کان وٺي اڄ تائين احتساب جو عمل جاري آهي پر ڪنهن به وڏي ماڻهو  کي سزا نه ملي آهي. انصاف وڏي ماڻهو جي اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهندو آهي ۽  سزا صرف غريب کي ملندي آهي. شيخ رشيد چيو ته 80 سيڪڙو شگرملون سياستدانن جون ملڪيتون آهن. ڪو ٻيو ماڻهو شوگرملز لڳائي نٿو سگهي. هي پنهنجي دور ۾ پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪندا آهن. هر ڪابينه ۾ 2-3 شوگرملز مالڪان وزير ضرور هوندا آهن. جڏهن  ڪابينه ۾ 2-3 شوگرملز مالڪ وزير هوندا ته اهي پنهنجي مفاد کي اوليت ڏيندا ڪنهن ٻئي غريبن جي مسئلن تي ڌيان نه ڏيندا.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته رب پاڪ هن ملڪ جي حالتن ۾ بهتري پيدا ڪندو ۽ غريب کي جيئڻ جو حق ملندو. جيڪي ماڻهو اهو سوچي ويٺل آهن ته اسان کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، انهن جو به پڇاڻو ٿيندو ۽ اهي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ايندا. آئين ۽ قانون تي عمل ٿيڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. جيڪڏهن آئين ۽ قانون تي عمل نه ٿيو ته مسئلا وڌيڪ سنگين ٿي ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں