62

ٺٽي جي عدالت ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي هٿڪڙيون هڻائي ڇڏيون

ٺٽو :ٺٽي جي عدالت ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي هٿڪڙيون هڻائي ڇڏيون، ٺٽي جي عدالت ڪيسن جون پراپرٽيون  پيش نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي هٿڪڙيون هڻائي ڇڏيون

ٿرڊ سول جج ٺٽو جي عدالت پاران ڪيسن جون پراپرٽيز پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو

عدالت ايس ايڇ او ٺٽو الھڏنو پنھور ۽ وڏي  منشي دوست محمد گابار کي 20 منٽن  تائين ھٿڪڙيون ھڻائي بيھاري ڇڏيو

عدالت جو چوڻ هو ته ھر روز ڪيس داخل ٿين ٿا، سامان  به ھٿ ٿيو وڃي ٿو پر پراپرٽي جو ڏس پتو ئي ڪونھي

ڊي ايس پي ٺٽو عدالت پهچي عدالت کان معذرت ڪري ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي جون هٿڪڙيون کولرايون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں