67

ڪنهن به وقت ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿي سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان ڪنهن به وقت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، صدر عارف علوي ڪنهن به وقت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري سگهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر جي قانون واري وزير سان ملاقات دوران اليڪشن جي تاريخ جي اعلان تي ڳالهه ٻول ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت جي راءِ آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي.ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عارف علوي صدارتي مدو پرو ٿيڻ تي ايوان صدر خالي ڪرڻ جي تاريخ ڏئي، سامان سهڙو کڻي ۽ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ منتقل ٿئي.هن وڌيڪ چيو ته معاشي دهشتگرد چونڊون نه ملڪ ۾ معاشي، سياسي ۽ آئيني بحران چاهين ٿا، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جيل ۾ ويٺل رياستي ۽ معاشي دهشتگرد کان برادشت نٿو ٿئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں