67

ايشيا ڪپ: ڀارت پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 357 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

ڪولمبو ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 357 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
ڪولمبو ۾ ريزرو ڊي ۾ برسات بيهڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ٻيهر شروع ٿي.
گذريل ڏينهن برسات سبب رڳو 24.1 اوورن جي راند ممڪن ٿي سگهي هئي، جنهن ۾ ڀارت ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون هيون.
ڀارتي بيٽر ڪي ايل راهول ۽ ويرات ڪوهلي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏيون جنهن سبب ڀارت مقرر 50 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 356 رنسون ٺاهيون.


ويرات ڪوهلي 122 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 111 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول وچ ۾ ٽين وڪيٽ تي 233 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ شاداب خان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں