73

جي 20 اجلاس ڀارت بدران پاڪستان ۾ ٿئي ها: نواز شريف

لنڊن: مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 2017ع جو تسلسل رهي ها ته جي 20 جو اجلاس پاڪستان ۾ ٿئي ها.
لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حسن نواز جي آفيس آمد جي موقعي تي ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻول ڪئي.
گهرواري جي ورسي جي سوال تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪلثوم نواز کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو.
نواز شريف کان صحافي سوال ڪيو ته ڀارت ۾ جي 20 جو اجلاس ٿيو ۽ پاڪستان ان ۾ شامل ناهي؟
ان سوال تي نواز شريف جو چوڻ هو ته 2017ع ۾ جو تسلسل رهي ها ته جي 20 جو اهو اجلاس پاڪستان ۾ ٿئي ها.
اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته تسلسل رهي ها ته پاڪستان جي 20 ۾ شامل ٿي چڪو هجي ها يا ٿيڻ وارو هجي ها.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں