55

شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جون سزائون برقرار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جون سزائون برقرار رکيون آهن.

بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث آفيسرن جي سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ جي جج منيب اختر 15 فيبروري جو محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو.

عدالت پاران ڪرنل(ر) آزاد منهاس ۽ ڪرنل(ر) عنايت الله جي سزائن خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ مان درخواستون رد ٿيڻ کان پوءِ درخواستگذارن 2016 ۾ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. فيلڊ ڪورٽ مارشل آزاد منهاس کي سخت پورهئي سان 2سال ۽ عنايت الله کي 4 سال قيد ۽ برطرفي جي سزا ٻڌائي هئي.

ٻنهي اڳوڻن فوجي آفيسرن جي خلاف 1995 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش واري الزام ۾ ڪارروائي ڪئي وئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں