44

سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي خلاف عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام اباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ عمران خان جو وڪيل افضل مروت ۽ حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 30 آگسٽ تي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عدالت اٽڪ جيل منتقل ڪئي وئي هئي، اهو نوٽيفڪيشن قانون واري وزارت جاري ڪيو ۽ ان جو ئي اختيار هو. قانون واري وزارت طرفان اين او سي جاري ڪئي وئي ته هنڌ تبديل ڪرڻ تي ڪوبه اعتراض نه آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل جي موقف تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق چيو ته جيل ٽرائل ڪا اهڙي شيءَ نه آهي جيڪا نه ٿيندي هجي. جيل ٽرائيل جو طريقيڪار ڇا هوندو ان بابت ٻڌايو جنهن تي پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباس نقوي عدالت کي چيو ته سائفر ڪيس جو اڃان ٽرائيل نه ٿي رهيو آهي. قانون واري وزارت قانون موجب عدالتي منتقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت چيو ته قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن بدنيتي جي آڌار تي جاري ڪيو ويو هو درخواست غير موثر نه ٿي آهي. عدالت کي طئي ڪرڻو آهي ته  نوٽيفڪيشن صحيح هو يا نه؟ ڪنهن وٽ جواب آهي ته سزا معطل ٿيڻ باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين قيد ڇو آهي؟

ٽرائيل ڪورٽ جو جج اين او سي تي اٽڪ جيل ڇو هليو ويو؟ فاضل جج پنهنجو دماغ استعمال ئي نه ڪيو؟ سڀاڻي جيڪڏهن لانڍي جيل جي اين او سي اچي وڃي ته  ڇا جج صاحب لانڍي هليو ويندو؟

چيف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ڪرڻ بابت قانون واري وزارت جي نوٽيفڪيشن خلاف ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ  چيئرمين جي وڪيل استدعا ڪئي ته اسان جي هڪ ٻئي درخواست تي فيصلو محفوظ آهي. اسان جي استدعا آهي ته محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو وڃي. فيصلن ۾ دير سبب اسان پريشان ٿي رهيا آهيون جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته مان اُن تي به آرڊر پاس ڪندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں