47

ڊي سي اسلام آباد پرويز الاهي خلاف جاري ڪيل ايم پي او حڪم واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: ڊپٽي ڪمشنر(ڊي سي) اسلام آباد پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي خلاف جاري ڪيل ايم پي او حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي جي ايم پي او آرڊر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڊي سي اسلام آباد عدالت کي ايم پي او آرڊر جي واپس بابت آگاهه ڪيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته پرويز الاهي کي وڌيڪ جنهن ايف آءِ آر ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ان جو نمبر لکرائي ڇڏيو.

جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايم پي او آرڊر واپس وٺڻ تي پرويز الاهي جي درخواست اُڪلائي ڇڏي. ياد رهي ته عدالت پرويز الاهي کي ايم پي او آرڊر معطل ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ڊي سي اسلام آباد کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں