51

راولپنڊي ۾ غربت ۽ مهانگائي کان تنگ اچي 2 ٻارڙين جي پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: راولپنڊي جي علائقي قاسم آباد ۾ غربت کان تنگ اچي 2  معصوم ٻارڙين جي پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب آپگهات ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ 39 ورهين جي عرفان صادق جي نالي سان ٿي آهي. عرفان صادق جي لاش دوڪان ۾ پکي سان لٽڪيل ملي.

پاڙي وارن موجب عرفان صادق جي چپس جي دڪان هئي. سندس معاشي حالتون خراب هيون. عرفان صادق جي هٿ سان لکيل نوٽ به مليو آهي. لکت واري نوٽ تي هن ماڻهن جا نالا لکيا آهن جن کي پئسا ڏيڻا هئا.

آپگهات کان اڳ عرفان صادق نوٽ ۾ لکيو آهي ته منهنجي فوتگي کي دل جو دورو تصور ڪيو وڃي. منهنجي تدفين تي وڌيڪ خرچ نه ڪجو، قرضدان کي پئسا ڏئي ڇڏيجو. مون سڀني لاءِ پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيون هيون مون کي معاف ڪجو.

واقعي کان پوءِ وارث خان ٿاڻي جي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته عرفان صادق سخت ذهني دٻاءُ ۾ هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں