45

190 ملين پائونڊ ڪيس: شيخ رشيد نيب آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: قومي احتساب بيورو(نيب) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ اڄ شيخ رشيد کي طلب ڪيو هو. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي صبح ساڍي 9 وڳي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد 190 ملين پائونڊز اسڪينڊل ۾ نيب جي ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. شيخ رشيد نيب جي جاچ ٽيم طرفان اماڻيل نوٽيس تي جوابي خط لکي ڇڏيو آهي.

شيخ رشيد طرفان جوابي خط ۾ لکيو ويو آهي ته القادر ٽرسٽ ۽ 190 ملين پائونڊز ڪيس جي مون کي  خبر نه آهي، نه ئي هن ڪيس بابت مون کي ڪا ڄاڻ آهي.  مان ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گواهه به نه آهيان. طلب ڪرڻ جو نوٽيس غيرقانوني آهي ان کي جلد واپس ورتو وڃي.

ياد رهي ته نيب راولپنڊي اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي اڄ  پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي. قومي احتساب بيورو شيخ رشيد احمد کي ڪيس سان لاڳاپيل دستاويزات به گڏ آڻڻ جو حڪم ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں