90

سفارش يا شارٽ ڪٽ نه محنت ذريعي مقام ماڻيو آهي. مومنه اقبال

.لاهور(شوبز نيوز) اداڪاره مومنه اقبال چيو آهي ته شوبز ۾ ڪنهن سفارش يا شارٽ ڪٽ ذريعي نه آئي آهيان پنهنجي محنت سان شوبز جي دنيا ۾ نالو ٺاهيو آهي

هڪ خانگي ٽي وي ۾ شرڪت دوران ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن وقت شوبز ۾ انٽري ڏني هئي ان وقت شوبز ۾ اسان جو ڪو به عزيز نه هو ان ڪري ئي مون کي نالو ڪمائڻ ۾ وقت لڳو

اداڪاره وڌيڪ چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ اهو سوال ٿيندو هو ته هيءَ پهريان ڇو اچي وئي ڪيريئر ۾ ايندي ئي هڪ عام ڇوڪريءَ کي مرڪزي ڪردار ڇو ملي رهيا آهن

جيڪڏهن مون کي معاون ڪردار ملندو هو ته سينيئر جي خواهش هوندي هئي ته پهرين مون کي تيار ٿيڻ به نه ڏينديون هيون اهي چاهينديون هيون ته پهرين اسان جا سين ٿين بعد ۾ هن جا،  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيئر اداڪارائون نئين اداڪارائن کي ويهڻ به برداشت نه ڪنديون هيون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں