59

آمريڪا جيڪي هٿيار افغانستان ۾ استعمال ڪيا اهي ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ پهچي ويا آهن: بلاول ڀٽو

سکر: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڇيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري , بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏجي سکر جي سينيئر صحافي شھيد جان محمد مهر جي رهائشگاه پهچي سندس وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شھيد جان محمد مهر صحافين جو اثاثو هيو سندس قتل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي اسان چاهيون ٿا ته سندس وارثن کي انصاف ملي. اسانجي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ اهو واقعو پيش آيو قاتلن جي گرفتاري لاء سخت حڪم جاري ڪيا آهن

بلاول چيو ته مونکي معلوم ٿيو آهي ته ڪيس کي ٺيڪ طريقي سان هينڊل نه پيو ڪيو وڃي شھيد جان محمد مهر سنڌ لاء ۽ اسان لاء ڇا هيو انجو اندازو نگران حڪومت کي ۽ بيورو ڪريسي کي ٿيڻ گهرجي هن چيو ته پوري سنڌ جو اهو مطالبو آهي ته جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ٿين وارثن سان تعزيت لاء دير سان پهتو آهي انجو اندازو آهي هن چيو ته منهنجي پوليس آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اميد آهي ته جوڙيل جي آئي ٽي بهتر ڪم ڪندي

بلاول ڀٽو صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال تي به ڳالهه ٿي آهي ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي اسان جا جوان شھادتون ڏئي رهيا آهن بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ  چوڻ هو ته آمريڪا جا هٿيار جيڪي افغانستان ۾ استعمال ٿيندا هئا هاڻي اهو اسلحو دهشتگردن وٽ پهتو آھي آمريڪي هٿيار صرف خيبر پختونخواه جي دهشتگردن وٽ نه پر ڪچي تائين به پهتا آهن هن چيو ته  خان صاحب جي پاليسي ڪيتري خطرناڪ هئي ان جو اندازو ٿي رهيو آهي بهتر اهو آهي ته معاملو ٿيڻ بعد ترت ئي حل ڪيو وڃي.

هن چيو ته پ پ جي پندرنهن سال حڪومت هئي پندرنهن سال اڳ قائد عوام جي ورسي ۾ ڪارڪن ڪانواء جي صورت ۾ ويندا هئا خوف جي ڪري جيالن ٽولين جي صورت ۾ ويندا هئا هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائيندي هئي خطرن جي باوجود هن پنهنجا قدم پوئتي نه ڪيا هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو سمورن ادارن کي گڏ ڪري دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ان ڪري ئي دهشتگرد سرگرمين تي ضابطو آيو هن چيو ته هاڻي ٻيهر دهشتگرد اڀري رهيا آهن سمورين جماعتن کي چيو ويو ته اهڙن قوتن سان ڳالهايو وڃي پر پ پ واحد پارٽي آهي جنهن آپريشن جي ڳالهه ڪئي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خان صاحب جي پاليسين سمورن منصوبن کي نقصان رسايو اي پي ايس واقعي کان پوء بهادر آفيسرن شھادتن کي قبول ڪيو هن چيو ته هن رياست ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته شهادتون ڏجن پاڪستان جي فوج ۽ قوم شھادتون پيش ڪيون آهن هن چيو ته پارليامينٽ کان بغير پڇڻ جي فقط ٽي ڄڻا فيصلا ڪندا ته انهن جو نقصان به ٿيندو اسانکي گهرجي ته پنهنجي شھيدن ۽ شھرين سان انصاف ڪريون جيڪي ماڻھو اهڙن فيصلن ۾ ملوث آھن انهن جو احتساب عوام ڪري ته ڪيئن انهن دهشتگردن کي معاف ڪيوويو هن چيو ته ملڪ جي معيشت جي حالت انتهائي خراب آهي جنهن جو اثر اسان سڀني مٿان پوي ٿو. آئي ايم ايف سان جيڪي معاهده عمران خان ڪيا انجو بار عوام کي کڻڻو پئجي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں