49

سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي هٿڪڙيون لڳائي عدالت ۾ پيش، جوڊيشل ريمانڊ ۾ واڌ

اسلام آباد:) خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير کي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو ويو. پيشي دوران ايف آءِ اي شاهه محمود قريشي کي هٿڪڙيون لڳايون.

عدالتي عملي شاهه محمود کي چيو ته سائفر ڪيس ۾ اوهان جي سڀاڻي جي لاءِ ضمانت واري درخواست مقرر آهي. ان تي شاهه محمود پڇيو ته ڇا مون کي سڀاڻي جوڊيشل ڪمپليڪس اچڻو پوندو؟ ان تي عدالتي عملي چيو ته نه ضمانت واري درخواست تي اوهان کي سڀاڻي جوڊيشنل ڪمپليڪس نه اچڻو پوندو. جج ابوالحسنات اٽڪ ويل آهن اوهان کي  اڄ حاضري لڳائي واپس اماڻي ٿا ڇڏيون جيڪا ايندڙ تاريخ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪيس جي هوندي اهائي اوهان جي هوندي.

جنهن کان پوءِ  آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي کي 26 سيپٽمبر تائين چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پي ٽي آءِ  وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 26 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي لاءِ ملڪ اهم آهي مون کي يقين آهي ته مون ڪڏهن به ملڪ سان غداري نه ڪئي آهي. هن چيو ته موت برحق آهي جتي مان قيد آهيان ان کان ٿورو اڳتي ڦاهي گهاٽ آهي. ڀروسي سان چوان ٿو ته ملڪ جو وفادار آهيان جيڪڏهن ملڪ سان غداري ڪئي آهي ته مون کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، خوشي سان قبول ڪندس.

شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين هڪ ئي آهي، ان ڳالهه ۾ ڪي به وسوسا نه آهن. مون  هميشه پاڪستان جي مفادن کي اوليت ڏني. ملڪ معاشي ۽ آئيني بحران جو شڪار آهي جنهن جو حلف شفاف چونڊون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ذاتي انا کان هٽي ڪري سوچڻو پوندو، ملڪ مشڪل ۾ آهي. پنهنجن روين تي سڀني کي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

ٻئي طرف عدالت جي ڪمري ۾ شاهه محمود قريشي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان اڊيالا جيل ۾  اڪيلو قيد ڪاٽي رهيو آهيان، ٻين قيدين جيان مون کي جيل کان ٻاهر هلڻ  ڦرڻ جي اجازت نه آهي مون کي گهر جي ماني نٿي ملي عام قيدين واري ماني ملندي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته انصاف ۾ دير ٿي سگهي ٿي انڌير نه ٿيڻ گهرجي. گهر ڀاتين سان ڪالهه ملاقات ٿي آهي، ٻارڙا ۽ گهر واري اڊيالا جيل آيا هئا. منهنجا گهر ڀاتي هن وقت سڀني کان وڌيڪ ٽارچر مان گذري رهيا آهن. مان 9 مئي واقعن ۾ بي ڏوهي آهيان مان اتي موجود ئي نه هئس، ان وقت منهنجي گهر واري بيمار هئي مان ان سان گڏ هئس.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو ڪوبه نعم البدل نٿو ٿي سگهي چيئرمين شپ بابت افواهون پکيڙيون پيون وڃن. بحيثيت پرڏيهي وزير هميشه ادارن جو دفاع ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں