63

گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن جي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦرلٽ، ڳوٺاڻا پهچي ويا، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

گهوٽڪي: گهوٽڪي ويجهو سکر ملتان موٽر وي ايم فائيو تي ڌاڙيلن پاران ڦر دوران ڳوٺاڻا پهچي ويا، فائرنگ سبب هڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو.

پوليس موجب گهوٽڪي ويجهو سکر ملتان موٽر وي ايم فائيو تي ڌاڙيلن جي مبينه ڦر دوران ڳوٺاڻا پهچي ويا جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڳوٺاڻو باقر ڪلهوڙو مارجي ويو آهي جڏهن ته در محمد، شاهجان، عمران ڪلهوڙو ۽ ٽرڪ ڊرائيور عديل زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺاڻن پوليس مٿان وقت تي نه پهچڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته فائرنگ دوران پوليس وقت تي نه پهتي. اسان ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو جنهن دوران هڪ ڳوٺاڻو قتل ٿي ويو آهي. جڏهن ته پوليس ڳوٺاڻن جي الزام جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پوليس جي وڏي نفري چوڪي نمبر 130 تي اماڻي وئي هئي فرار ٿيندڙ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

پوليس موجب زخمين کي تعلقه اسپتال اماڻيو ويو آهي جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد سکر ريفر ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں