50

ليبيا ۾ سامونڊي طوفان جي تباهي: فوتين جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو، 10 هزار کان وڌيڪ شهري گم

طرابلس: ليبيا ۾ ايندڙ سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 10 هزار کان وڌيڪ شهري اڃان تائين گم آهن.

ليبيا جي گهرو وزارت تصديق ڪندي ٻڌايو ته ملڪ جي اترين ۽ اوڀرين سامونڊي علائقن سان ٽڪرائجندڙ سامونڊي طوفان ڊنيال مان پيدا ٿيندڙ ٻوڏ صورتحال سبب فوت ٿيلن جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو آهي.

ليبيا جي اوڀرين شهر درنا ۾ هڪ ملبي مان 1 هزار 500 کان وڌيڪ لاش ملڻ کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 6 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته امدادي ڪمن دوران لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي. عالمي خبرون ڏندڙ اداري موجب برساتن سبب مشرقه شهر جا ڊيم ٽٽي ويا ٻوڏ وهڪرا رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويا هئا، اهو سڀ ايترو جلدي ٿيو جو شهرين کي لڏ پلاڻ جو موقعو به نه ملي سگهيو.ٻوڏ وهڪرن هر شيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو.

گهرو وزارت ٻڌايو آهي ته ٻوڏ سبب 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن. 15 سئو کان وڌيڪ ماڻهن جا لاش ڳوليا ويا آهن. هينئر تائين 7 سئو ڄڻن جا لاش دفنايا ويا آهن ملڪ جي اترين ۽ اوڀر واري سامونڊي علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ليبيا ۾ سياسي بحران ۽ خانه جنگي سبب عوام اڳ ئي پريشان آهي مٿان وري قدرتي آفت سندن سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں