44

چونڊ تاريخ جو معاملو: صدر سان وفاقي وزير جي ملاقات، قانون واري وزارت جو موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد: صدر عارف علوي سان نگران قانون واري وزير احمد عرفان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.

قانون واري وزارت موجب ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ چئني صوبن جي نگران قانون وارن وزيرن شرڪت ڪئي. قانون واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ پنجاب جو نگران قانون وارو وزير ڪنور دلشاد، سنڌ جو نگران قانون وارو وزير محمد عمر سومرو، خيبرپختونخواهه جو نگران قانون وارو وزير ارشد حسين شاهه ۽ بلوچستان جو نگران قانون وارو وزير امان الله ڪرناڻي شريڪ ٿيا.

ترجمان ٻڌايو ته اجلاس ۾ آزاد، مصنفاڻيون ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بنائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته آئين جي شقن کي ڌار ڌار نه پر گڏيل طور تي آئين جي اسڪيم ۾ ڏٺو ويندو آهي.

قانون واري وزارت جي ترجمان ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيڻ گهرجن. صاف ۽ شفاف چونڊن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي. قانون واري وزارت موجب اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي. سمورا ادارا تڪ بندين ۽ چونڊ شيڊول مقرر ڪرڻ  لاءِ اليڪشن ڪميشن جي اختيار جو احترام ڪن.

ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو آهي ته نگران قانون واري وزير احمد عرفان صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب نگران قانون واري وزير احمد عرفان چونڊن جي تاريخ بابت نگران قانون وارن وزيرن جو موقف صدر عارف علوي جي سامهون رکيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں