58

صدر عارف علوي ملڪ ۾ 6 نومبر تي عام چونڊن جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ عام چونڊن جي لاءِ 6 نومبر جي تاريخ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

صدر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مون 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙيو هو. خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر جو اختيار آهي ته عام چونڊن لاءِ 90 ڏينهن  اندر تاريخ مقرر ڪري، آئيني ذميواري پوري ڪرڻ خاطر چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي لاءِ گهرايو ويو ته جيئن آئين ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو چٽو ڪري سگهجي.

صدر طرفان لکيل خط جي متن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، وفاق کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آزادانه، منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري  اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ لاءِ اعليٰ عدليه  کان رهنمائي حاصل ڪندي.

صدر خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آگسٽ ۾ آدمشماري جي اشاعت کان پوءِ تڪ بندين جو عمل به جاري آهي آئين جي آرٽيڪل 51(5) ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 جي تحت اها شرط لازمي آهي. وفاقي قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙي راءِ  رکي ٿو. خط ۾ چيو ويو آهي ته چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي. آئين جي آرٽيڪل 48(5) جي تحت صدر کي اختيار آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ کان 90 ڏينهن جي اندر تاريخ مقرر ڪري ان ڪري عام چونڊون قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جي 89 ڏينهن يعني سومر 6 نومبر تي ٿيڻ گهرجن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں