57

ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو: ڦر دوران مزاحمت تي روڊس کاتي جو ڪلارڪ قتل

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ شهر ۾ ڌاڙيل راڄ برقرار آهي. ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي روڊس کاتي جو ڪلارڪ مراد علي بنگوار قتل ٿي ويو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.

ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سي پي شاخ وٽ ڳوٺ کان ڪنڌڪوٽ شھر ويندڙ موٽرسائيڪل سوار نوجوان روڊس کاتي جي ڪلارڪ مراد علي بنگوار کان ھٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد مزاحمت  تي نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، لاش واقعي واري ھنڌ پيل رھيو.

اهڙي اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي لاش کڻائي  سول اسپتال پھچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں