57

موسميات کاتي سنڌ ۾ 16 سيپٽمبر کان چوماسي جي برساتن جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي:) موسميات کاتي 16 سيپٽمبر جي شام کان سنڌ جي مختلف شهرن  ۾ چوماسي جي برساتن جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

موسميات کاتي طرفان ڪيل اڳڪٿي موجب نئون سلسلو 16 سيپٽمبر تي اوڀر سنڌ ۾ داخل ٿيندو جنهن جي اثر سبب 16 کان 18 سيپٽمبر جي دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، بدين، سجاول، ٺٽو ۽ ڄامشورو ضلعن جي چوڌاري کنوڻ ۽ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ 3 ڏينهن دوران موسم جهڙالي ۽ هلڪي برسات جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. موسميات کاتي موجب چوماسي جي برساتن کان اڳ ڪراچي ۽ اوڀر سنڌ ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيندو. ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون جزوي طور تي بند ٿيڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں