44

ياسمين راشد جي علاج واري درخواست منظور، 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل رواني

لاهور:) دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جي علاج لاءِ داخل ڪيل درخواست تي منظور ڪري ورتي.

اڳوڻي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ڪينسر جي علاج لاءِ درخواست دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ داخل ڪئي هئي جنهن ۾ هن سروسز اسپتال کان ڪينسر جا ٽيسٽ ڪرائڻ جي اجازت گهري هئي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت ياسمين راشد جي علاج لاءِ داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي  جنهن کان پوءِ  جيل اختيارين کي ياسمين راشد جي سروسز اسپتال مان ڪينسر ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت حڪم ڏيندي چيو ته جيل اختياريون ياسمين راشد کي اسپتال ۾ ڪينسر  جي ٽيسٽ لاءِ وٺي وڃن. ٻئي طرف دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عبهر گل خان ياسمين راشد جي خلاف 9 مئي تي شير پائو پل تي ادارن خلاف تقرير ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت اڳوڻي وزير کي 14 ڏينهن تي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں