60

سوڀوديرو  ۾ سماجي اڳواڻ شبانا ناز شيخ جي سڏ تي پريا ڪماري جي بازيابي ۽ شھيد جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري لاء ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

سوڀوديرو  ۾ سماجي اڳواڻ شبانا ناز شيخ جي سڏ تي پريا ڪماري جي بازيابي ۽ شھيد جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري لاء ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

سوڀوديرو جي سماجي اڳواڻ شبانا ناز شيخ جي سڏ تي   سوڀوديرو ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ـ سول سوسائٽي مذھبي تنظيمن وڪيلن صحافين شھرين پاران  معصوم پريا ڪماري جي بازيابي ۽ شھيد جان محمد مھر جي قاتلن ۽ سھولتڪارن جي گرفتاري لاء  سوڀوديرو محراب واھ کان تعلقا پريس ڪلب سوڀوديرو  تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ٽي ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو جنهن م سياسي سماجي تنظيمن شھرين صحافين ۽ وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي فاطمه ڦرڙو ڪيس جي سينئر وڪيل ايڊوڪيٽ صفدر ڪناصرو ،  صحافي اتحاد جي صدر رئيس غلام حسين چانگ ، جمال محمود کھڙو ، سيد محسن علي شاھ نقوي ـ   فقير امداد منگي  ، شبانہ ناز  شيخ ، پي پي ليڊيز ونگ اڳواڻ ثمينا ارشاد چنا ـ ڪفايت الله شيخ ـ غلام فريد عباسي سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ان م عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي صحافي اتحاد خيرپور جي سرواڻ رئيس غلام حسين چانگ ـ جمال محمود کھڙو ـ ڪرم سامٽيو ـ مجيب آزاد ڀيلار ـ لالڻ چنا ـ شبانا ناز شيخ ـ ثمينا ارشاد چنا ـ ڪفايت الله شيخ ـ سلمان عاطف مغل ـ انور سروھي ـ زاھد سامٽيو ـ ساجد مڱريو ـ الفت سھتو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته   شھيد جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻي ڦاھي تي لٽڪايو وڃي ، پرياڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں