92

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن خلاف درخواست داخل

ڪراچي ؛سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن خلاف درخواست داخل، دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جو لوگو استعمال ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن خلاف درخواست داخل ڪئي وئي

عدالت شاگردن کي نوٽيس جاري ڪندي  9 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواست ۾ چيو ويو ته يونيورسٽي طرفان 2023 ۾ داخلا جو اعلان ڪيو ويو

درخواست موجب داخلائن جي سلسلي ۾ انٽري ٽيسٽ 27آگسٽ 2023ع تي آءِ بي اي ڪراچي ۾ ٿي، ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انٽري ٽيسٽ جو جائزو وٺڻ دوران اتي ڏٺو ته مسڪن گيٽ تي شاگردن ڪيمپ لڳائي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شاگردن پنهنجي بينر هيٺ يونيورسٽي جو لوگو لڳائي ڇڏيو ھو، وي سي شاگردن کي منع ڪيو

رجسٽرار دائود انجنيئرنگ موجب شاگردن کي يونيورسٽي جو آفيشل لوگو استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں