77

ايشيا ڪپ جو اهم ميچ: پاڪستان سريلنڪا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪولمبو: ايشيا ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا جي خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏجندڙ ميچ برسات سبب 45 اوورز في اننگز تائين محدود ڪيو ويو آهي.  پاڪستاني وقت موجب 2 وڳي ٽاس ٿيڻو هو پر ڪولمبو ۾ لاڳيتو برسات سبب ٽاس دير جو شڪار ٿيو. برسات رڪجڻ کان پوءِ ٽاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

پاڪستان سريلنڪا جي خلاف ايشيا ڪپ جي سپر 4 جي اهم ميچ لاءِ پنهنجي ٽيم جو اعلان گذريل رات ڪيو هو، پاڪستاني ٽيم ۾ 5 تبديليون ڪيون ويون آهن.

محمد حارث، سعود شڪيل، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر ۽ زمان خان کي سريلنڪا جي خلاف ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. فخر زمان، سلمان علي آغا، فهيم اشرف، نسيم شاهه ۽  حارث رئوف سريلنڪا جي خلاف ميچ ۾ آرام ڪندا.

سريلنڪا جي خلاف ميچ لاءِ ٽيم ۾ ڪپتان بابر اعظم، نائب ڪپتان شاداب خان، شاهين آفريدي، امام الحق، محمد رضوان، افتخار احمد، محمد حارث، سعود شڪيل، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر ۽ زمان خان شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں