68

فيض گنج: ڪراچي مان هڪ مهينو اڳ اغوا ڪيل 3 پورھيت بازياب

فيض گنج: ھڪ مھينو اڳ ڪراچي مان اغوا ڪيل 3 پورھيت  رات دير سان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن.

ھڪ مھينو اڳ ڪراچي جي نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ فيض گنج جي ڳوٺ کنڊوخان شر واسي راشد شر، قرب علي شر ۽ ڳوٺ ننگر خان شر واسي سادات شر کي ڪراچي جمالي پل ڀرسان نامعلوم ماڻھو اغوا ڪري ويا ھيا. نوجوانن جي بازيابي لا سندن وارثن، سياسي سماجي ڌرين پاران لڳاتار احتجاج ڪري پڪاچانگ ۾ احتجاجي ڪيپ ٺاھي سخت احتجاج ڪيو ويو هيو.

گذريل ڏينھن به سياسي پارٽين جي سڏ تي شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ھيو شھرين جي سخت احتجاج ۽ سنڌي ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج کان پوء اغوا ڪيل نوجوان پورھيت بازياب ٿي گهر پهچي ويا آھن

بازياب ٿيل نوجوانن جي وارثن موجب رات دير سان نوجوانن رابطو ڪري  ٻڌايو ته ڪراچي جي سھراب ڳوٺ وٽ اسان کي ڇڏيو ويو آھي. نوجوانن جي بازيابي بعد سندن پريشاني ۽ ڳڻتي ۾ ورتل وارثن ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي آھي سندن وارثن احتجاج ڪندڙن ۽ سنڌي ميڊيا جو ٿورو ادا ڪيو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں