50

سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪئي وئي  آهي.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض ۾ چيو آهي ته درخواستگذار سپريم ڪورٽ ۾ اچڻ کان اڳ لاڳاپيل ڪنهن به فورم سان رابطو نه ڪيو. صدر  عارف علوي کي آرٽيڪل 248 موجب درخواست ۾ ڌر نٿو بڻائي سگهجي.

درخواست ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته درخواستگذار جو ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي. ان کان علاوه درخواست ۾ آرٽيڪل 3/184 جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ بيرسٽر علي ظفر جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

درخواست ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں