50

سنڌ جي عوام کي پيپلزپارٽي کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جو اتحاد

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) پ پ خلاف اتحاد ڪندي سنڌ ۾ گڏ هلڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
جي يو آءِ وفد مولانا راشد محمود سومري جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز پهتو ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.
سينئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جي يو آءِ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم طئي ڪيو آهي ته سنڌ جي عوام کي پ پ جي قبضي مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.
هن چيو اسان فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ سنڌ ڪارڊ هلڻ نه ڏينداسين، ٻهراڙين ۾ سياسي قوت جي يو آءِ وٽ آهي، گڏجي جاگيردارن ۽ وڏيرن کي انهن جي اوقات ياد ڏيارينداسين ۽ پ پ جي نفرت جي پاليسي ناڪام بڻائينداسين.
سندس چوڻ هو ته هاڻ سنڌ جي عوام جي اها غلط فهمي ختم ڪنداسين ته انهن وٽ متبادل قيادت ناهي، نئون سياسي اتحاد سنڌ جي عوام جي خدمت لاءِ تيار آهي.
ان موقعي تي راشد محمود سومري چيو ته ملاقات ۾ اتفاق ٿيو آهي ته ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪنهن هڪ قوم لاءِ جدوجهد نه ڪندي پر ڪراچي کان ڪشمور تائين سڀني لاءِ گڏيل جدوجهد ڪنداسين.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بدلين، مقررين ۽ تڪ بندين تي جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ اسان جا خدشا ختم ڪري، خدشا ختم نه ڪيا ويا ته اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں