69

ڪنڌڪوٽ: بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ بروھي اتحاد جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ: سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ڌاڙيل راڄ سکر، پنوعاقل، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور مان اغوا ڪيل مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ بروھي اتحاد اڳواڻ ميرمظفرخان بروھي جي اڳواڻي ۾ ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور انڊس ھاءِ وي فيضو لاڙو وٽ سنڌ پنجاب مک رستي تي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن سبب سوين گاڏين جو قطارون لڳي ويون.
ان موقعي تي سنڌ بروھي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ميرمظفرخان بروھي، حاجي احمد نواز بروھي، ڊاڪٽر حفيظ بروھي، صفدر بروھي، ايڊوڪيٽ حسين بخش بروھي، مولانا عنايت الله بروھي، محمد رمضان بروھي، محمد علي بروھي، اصغر بروھي، جاويد بروھي، ڊاڪٽر محمد خان بروھي، عمران بروھي، علي اڪبر بروھي، ڊاڪٽر بشير بروھي، اسلم بروھي، جھانگير بروھي، نور بروھي سميت ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آھي بدامني وڌڻ سبب عوام سخت پريشان آھي. ڌاڙيل سري عام ٻارڙن توڙي ٽرانسپورٽرن ۽ عام ماڻھن کي اغوا ڪري رھيا آھن.


ھنن چيو ته سکر مان پريا ڪماري پنوعاقل مان عبدالجبار چاچڙ ڪنڌڪوٽ ڪشمور مان محمد ياسين بروھي، قدير بروھي ۽ جلال بروھي سميت ٻين جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھيون. ھنن چيو ته ڌاڙيل وٽ قيد مغوين تي تشدد ڪرڻ سان گڏ انھن جي تذليل ڪيو پيو وڃي ۽ پوليس اڃاتائين انھن کي بازياب نه ڪرائي سگھي، رياست جي ذميواري آھي ته ڌاڙيل راڄ ختم ڪري ڏوھارين خلاف قدم کنيو وڃي.
هوڏانهن ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي سنڌ بروهي اتحاد جي اڳواڻن سان رابطو ڪيو ۽ کين مغوين جي بازيابي جو مڪمل يقين ڏياريو، جنهن تي احتجاج کي عارضي طور تي ملتوي ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں