67

ھنڱورجا لڳ زمين جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

ھنڱورجا: ھنڱورجا لڳ ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب صحافي ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ موٿپارجا ۾ سهتا برداري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب چاڪن ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استعمال سبب سينئر صحافي رحيم بخش سهتو ۽ سندس پٽ ظهير سهتو زخمي ٿي پيا.
جن کي علائقي واسين فوري طور تي طبعي امداد لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ھنڱورجا آندو ويو، جتي ڊاڪٽر پاران فسٽ ايڊ ڏني وئي ڳڻتي جوڳي حالت حجڻ ڪري زخمين کي گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اهڙي واقعي ۽ صحافي تي حملي جي سول سوسائٽي ۽ صحافين پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں