46

عمران خان جي درخواست منظور، سياستدانن خلاف ڪرپشن ڪيسز بحال

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي نيب ترميمن جي 10 مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون.
چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال پنهنجي ملازمت جي مدي جي آخري ڏينهن ان ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ليڊيز اينڊ جئنٽلمين، ٻه هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌائي رهيا آهيون.

سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ۾ شامل جسٽس منصور علي شاهه فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو آهي.


عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب ترميمن خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏني وڃي ٿي. 500 ملين جي حد تائين ريفرنس نيب جي اختيارن مان خارج قرار ڏيڻ واري شق کي ڪالعدم قرار ويو آهي، جڏهن ته سروس آف پاڪستان خلاف ريفرنس فائل ڪرڻ جا شق برقرار رکيا ويا آهن. ٿا.


عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عوامي عهدن تي مقرر ماڻهن خلاف ڪيس بحال ڪيا وڃن ٿا، عوامي عهدن جا ريفرنس ختم ٿيڻ بابت نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن ٿيون، نيب ترميمن جي سيڪشن 10 ۽ سيڪشن 14 جي پهرين ترميم ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي.
عدالت 50 ڪروڙ جي حد کان گهٽ هجڻ تي ختم ٿيندڙ سمورا ڪيس بحال ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته تمامختم انڪوائريز، ڪيسز بحال ڪيا وڃن ٿا، سمورا ڪيسز نيب عدالتن ۽ احتساب عدالتن ۾ ٻيهر مقرر ڪيا وڃن.
سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي 10 مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون آهن ۽ عدالت نيب کي ستن ڏينهن اندر سمورو رڪارڊ لاڳاپيل عدالتن ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت چيو ته پلي بارگين جي حوالي سان نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي، احتساب عدالتن جا نيب ترميمن جي روشني ۾ ڏنل حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نيب ترميمن سان عوامي مفادن جي آئين ۾ ڏنل حق متاثر ٿيا آهن، نيب ترميمن تحت بند ڪيل سموريون انڪوائريون بحال ڪيون وڃن.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ نيب ترميمن جا ماضي ۾ لاڳو ٿيندڙ شق به ڪالعدم قرار ڏنا، نيب قانون ۾ ترميمن کانپوءِ نيب چيئرمين جي مقرري جو اختيار قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي ڏنو ويو هو.
ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نيب چيئرمين جي 4 سالا مدت به بحال ٿي وئي آهي، نيب ترميمن ۾ نيب چيئرمين جو مدو 3 سال ڪيوويو هو.
ياد رهي ته پي ڊي ايم جي حڪومت نيب قانون ۾ ترميمون ڪيون هيون جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب ترميمن خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.
سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواستن تي 53 ٻڌڻيون ڪيون.
چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ 5 سپٽيمبر تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ان حوالي سان چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته رٽائرمينٽ کان اڳ ان اهم ڪيس جو فيصلو ڪيون ويندس.
سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن.
ياد رهي ته پارليامينٽ نيب ايڪٽ جي سيڪشن 2، 4، 5، 6، 25 ۽ 26 ۾ ترميمون ڪيون هيون، ان کان علاوه نيب ايڪٽ جي سيڪشن 14، 15، 21 ۽ 23 ۾ به ترميمون ڪيون هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں