49

موسميات کاتي سنڌ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي جي هوائن جو نئون سلسلو 16 سپٽيمبر تي اوڀر سنڌ ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي موجب، 18 کان 19 سپٽيمبر دوران ٿر پارڪر، عمر ڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، بدين، سجاول، ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ ايندڙ ٽي ڏينهن تائين آسمان صاف ۽ جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي.
چوماسي سسٽم جي آمد کان اڳ ڪراچي سميت ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيندو، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ سامونڊي هوائون جزور طور بند ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 15 کان 20 سيپٽمبر دوران ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مري سميت پنجاب ۾ اڪثر جاين تي به برساتن جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں