49

ڪوئيٽه: فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا، هڪ فوجي جوان شهيد

ڪوئيٽه: ڪوئيٽه ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ صوبيدار شهيد ۽ ٽي دهشتگرد مارجي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 14 سپٽيمبر جي شام ڪوئيٽه جي علائقي ولي تنگي ۾ دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن ۽ فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ ۾ صوبيدار قيصر رحيم شهيد ٿي ويو، جڏهن ته هڪ سپاهي به سخت زخمي ٿي پيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ٿيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں