58

مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ پيٽرول 26 روپيه 2 پئسا في ليٽر، ڊيزل 17 روپيه وڌيڪ مهانگو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي آهي. حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 26 روپيه 2 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 روپيه 34 پئسا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اضافي کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 331 روپيه 38 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 329 روپيه 18 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن. جيڪي هاڻ 30 سيپٽمبر تائين رهنديون.

ٻئي طرف لائٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ ڪابه هيٺ مٿانهين نه ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته نگران حڪومت جي هڪ مهيني ۾ پيٽرول 58 روپيه 43 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 55 روپيه 78 پئسا مهانگو ٿي چڪو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں