56

سائفر ڪيس: عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

عمران خان پنهنجي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر ذريعي هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ هن عدالت مان ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

هن درخواست ۾ چيو ته استغاثه بدنيتي جي آڌار تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. مون کي بدنيتي سان هن هٿ ٺوڪئي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. 14 سيپٽمبر تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت بي ضابطگين ۽ استغاثه جي گهڻن تضادن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪندي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

ياد رهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت عمران خان جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. جج ابوالحسنات ذولقرنين طرفان لکيل فيصلي ۾ چيو ويو ته اسان کي انهي ڳالهه کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي ته هي هڪ ٽاپ سيڪريٽ ڪيس آهي. عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف شاهديون ڪيس سان تعلق ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. جوابدار آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن 5 ۽ 9 جي تحت ضمانت نه ٿيڻ جوڳن قلمن جا ظاهري طور تي ڏوهاري قرار ڏنا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں