50

گيس جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪم جاري آهي، پهرين جولاءِ کان نيون قيمتون لاڳو ٿينديون: محمد علي

اسلام آباد: توانائي بابت نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته 2700 روپين ۾ گيس درآمد ڪري 1100 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو ۾ نٿا ڏئي سگهون. گيس جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪم جاري آهي جيڪو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو.

نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد علي چيو ته سالن کان بجلي چوري ٿي رهي هئي، پر ان کي ڪوبه نه روڪي رهيو هو. اسان جيڪي شيون صحيح ڪري رهيا آهيون اهي هڪ مهيني جون نه ڪيترن ئي سالن جون غلطيون آهن.

هن چيو ته ڊالر تي ڪنٽرول جو فائدو ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ٿيندو. هن چيو ته 3700 روپين ۾ گيس درآمد ڪري 1100 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو ۾ نٿا ڏئي سگهون، بجلي ۽ گيس جو گردشي قرض 5400 ارب روپين تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته گيس جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. پهرين جولاءِ کان نيون قيمتون لاڳو ٿينديون. غريب ماڻهن تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين.

ٻئي طرف ناڻي بابت نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 27 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ جو پاليسي ريٽ ناهي وڌيو. اهڙي قدم سان بهتري جي اميد آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل حدف حاصل ڪنداسين. ورلڊ بينڪ کان 2 ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي.

ايس آءِ ايف سي ۾ شامل منصوبن سان معاشي ترقي ٿيندي. جڏهن ته نگران اطلاعات بابت وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت نيب ترميم تي سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي. فيصلو ملڻ کان پوءِ آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں