63

سکر: رانوتي ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 8 ڄڻن جي جنازي نماز کان پوءِ تدفين ڪئي وئي

سکر: رانوتي ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل 8 گهر ڀاتين جي جنازي نماز کان پوءِ تدفين ڪئي وئي آهي. صحافي حيدر مستوئي جي امڙ، گهر واري ۽ ٻن ڀائرن جي جنازي نماز سکر بس ٽرمينل تي ادا ڪئي وئي. چارئي مڙهه روهڙي  ڀرسان ڳوٺ فيض مستوئي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

جڏهن ته حيدر مستوئي جي مامي سلطان ۽ سندس گهر واري سميت وڌيڪ 4 ڄڻن جي پنجاب جي ڳوٺ ماهي چوڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ تدفين ڪئي وئي.  فوتين ۾ امڙ مسمات حسنہ خاتون، ڪنوار سويره، ڀائرن عزير ۽ نظام الدين جي جناز نماز روهڙي بس اسٽينڊ وٽ ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن، اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٻٻرلو جي صحافي حيدر مستوئي سان اوٻاوڙو موٽروي تي خوفناڪ حادثو پيش آيو هو جنهن جي نيجي ۾ صحافي گهوٽ حيدر مستوئي زخمي جڏهن ته سندس خاندان سميت 8 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.  رات دير سان فوتين جا مڙهه ايمبولينس ذريعي رحيم يار خان کان روهڙي آندا ويا هئا روهڙي ۾ مڙهه پهچڻ تي هر اک آلي ٿي وئي.  صحافي حيدر مستوئي 3 ڏينهن اڳ مامي جي گهران صادق آباد مان شادي ڪري گهوٽ ٿيو هو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں