82

ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ رينجرز طرفان آپريشن جو سلسلو شروع، وڌيڪ جوان مقرر

سکر: ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي ڪچي وارن علائقن ۾ رينجرز طرفان آپرين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ جوان پڻ مقرر ڪيا ويا آهن. ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ سکر مان رينجرز جا اهلڪار ڪچي واري علائقي ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن.  رينجرز پاران اڄ ٽئين ڏينهن به فليگ مارچ ۽ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن.

ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي ڪچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي رينجرز جوانن پوزيشن سنڀالي ورتي آهي جڏهن ته چيڪنگ جو عمل پڻ جاري آهي.

نگران وڏي وزير جي هدايتن ۽ ڪابينا جي منظوري بعد رينجرز پاران آپريشن جون تياريون ڪيون ويون. ذريعن موجب گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ رينجرز پاران آپريشن ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں