62

مهانگو پيٽرول: راولپنڊي جي واپارين روزگار بچايو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: راولپنڊي جي واپارين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي روزگار بچايو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب مهانگائي خلاف راولپنڊي آل پاڪستان ريسٽورينٽ ايڪشن ڪميٽي جو سخت رد عمل سامهون اچي ويو آهي واپارين چيو آهي ته مهانگائي جي خلاف هاڻ تحريڪ هلائي ويندي. راولپنڊي جي واپارين جي صدر چوڌري فاروق چيو آهي ته هاڻ صرف احتجاج نه ٿيندو پر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جنهن سان مهانگائي  تي ڪنٽرول ڪيو ويندو. اڄ اسان روزگار بچايو تحريڪ جو اعلان ڪريون ٿا.

واپاري اڳواڻ چوڌري فاروق چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اڄ جي اضافي کان پوءِ ڪاروبار ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 26 روپيه ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 روپين جي اضافي جو مطلب عوام کان ماني جو گرهه کسڻ جو اعلان آهي. پراڻا حڪمران، نوان حڪمران، نگران حڪومت شريف ۽ زرداري سڀ عوام عوام دشمن حڪمران آهن.  اهڙن حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب اڄ عوام کان ماني جو گرهه ڦريا پيا وڃن.

صدر ايڪشن ڪميٽي چيوته پاڪستان جا واپاري ۽ عوام ڊيفالٽ جو شڪار آهن پيٽرول جي قيمت ۾ اڄ پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي. روزگار بچايو تحريڪ ۾ سڄي ملڪ جي واپاري برادري ۽ عوام کي  ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي وڃي ٿي.  سڄي ملڪ ۾ فوڊ جا واپاري سڀني کان وڌيڪ روزگار مهيا ڪندا آهن، اڄ اسان جو واپاري ئي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب بيروزگار ٿي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں