53

پاڪستان جي خوشحالي جو دور واپس اچي رهيو آهي، نواز شريف عوام کي مهانگائي جي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياريندو: مريم نواز

پشاور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف چيو آهي ته نوازشريف کي مائنس ڪندڙ پاڻ مائنس ٿي چڪا آهن. هاڻ پاڪستان جي خوشحالي جو دور واپس اچي رهيو آهي. نوازشريف عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ويندو.

خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي ونگز جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نوازشريف کي ملڪ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. مايوسي جي انڌيرن کي الوداع، سازشيو گڊءِ باءِ، مريم نوازشريف جي پرجوش خطاب تي ليگي ڪارڪنن طرفان نعرا لڳايا ويا.

مريم نوازجلسي کي خطاب دوران چيو ته نوازشريف واپس نه پيو اچي، پاڪستان جي خوشحالي جو دور واپس اچي رهيو آهي، نوازشريف کي مائنس ڪندي ڪندي نااهلن پاڪستان جي ترقي کي مائنس ڪري ڇڏيو. نوازشريف جو پيغام پاڪستان جي ترقي، مهانگائي کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي. هن يو ته نوازشريف بهادري، ثابت قدمت سان سياسي انتقام جو مطالبو ڪيو ۽ سرخرو ٿيو. الحمدالله نوازشريف عوام کي مهانگائي کان بچايو هو. کيس عوام جي خدمت عيوض سزا ملي. 2016 ۾ عوام کان ترقي ۽ معيشت ۾ بهتري ڦري وئي. نوازشريف جي خلاف سازش جي نتيجي ۾ عوام کي مهانگائي کي منهن ڏيڻو پيو.

مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر چيو ته سازشي نٿا چاهين ته پاڪستان معاشي طور تي مضبوط ٿي، عوام مهانگائي جي غلامي کان آزاد ٿئي. 21 آڪٽوبر تي اعلان ڪيو آهي ته عوام جي تڪليف جا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن، 21 آڪٽوبرتي اعلان ڪيو آهي ته غريبن جي ڏک ۽ تڪليف جو احساس ڪندڙ نوازشريف واپس اچي رهيو آهي.

مريم نواز چيو ته نوازشريف اهو آهي جنهن جي دور ۾ پنج سال اٽو، گيهه، کنڊ جي قيمت نه وڌي، نوازشريف اهو آهي جنهن ج دور ۾ 47 سال ۾ مهانگائي گهٽ کان گهٽ سطح تي آئي هئي، نوازشريف اهو آهي جنهن پاڪستان جي معاشي ترقي 6.1 سيڪڙو تي پهچائي هئي. نوازشريف اهو آهي جنهن پاڪستان جو واحد آءِ ايم ايف پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪيو.

هن چيو ته نوازشريف 2017 ۾ آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي ڇڏيو هو. نوازشريف جو ترقي وارو سفر جاري رهي ها ته اڄ پاڪستان بحرانن جو شڪار نه ٿئي ها،  نوازشريف جو ڏنل ترقي جو سفر جاري رهيو ته اڄ بجلي، گيس، پيٽرول مهانگا نه ڪرڻا پون  ها. مريم نواز چيو ته واعدو آهي ته خيبرپختونخواهه جي محرومين کي پري ڪري ترقي جو تاريخي سفر شروع ڪنداسين دهشتگردي کان علاوه معاشي دهشتگردي مان به قوم کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں