53

پرويز الاهي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار، هڪ ڏينهن جو ريمانڊ منظور

اسلام آباد: اينٽي ڪرپشن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب پرويز الاهي اڊيالا جيل راولپنڊي مان آزاد ٿيو ئي هو ته اينٽي ڪرپشن طرفان کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي راهداري ريمانڊ جي لاءِ جوڊيشل ڪمپليڪس پهچايو ويو جتي عدالت ان جو هڪ ڏينهن جو ريمانڊ منظور ڪري ورتو. عدالت پرويز الاهي جي طبي معائني جو پڻ حڪم جاري ڪيو.

اختيارين موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي اڄ شام تائين اينٽي ڪرپشن هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويندو. اختيارين موجب اڳوڻي وڏي وزير خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ 4 ڪيس داخل ٿيل آهن.

    اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں