57

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي ئي ٽرانسپورٽرز ڀاڙا وڌائي ڇڏيا

لاهور: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيڻ کان پوءِ ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پبلڪ ٽرانسپورٽرز طرفان 15 کان 20 سيڪڙو ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. لاهور کان ٻين شهرن جي ڀاڙن ۾ 300 کان 400 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. لاهور کان ڪراچي جو ڀاڙو  6600 مان وڌائي 7000 هزار روپيه ڪيو ويو آهي. راولپنڊي جو ڀاڙو 2000   کان 2200 جڏهن ته پشاور جو 2500 کان 2750 روپيه ڪيو ويو.

اهڙي طرح ڪوئٽه جو ڀاڙو 4400 مان وڌائي 4650 روپيه ڪيو ويو. جڏهن ته ڪوهه مري جو ڀاڙو 2400 مان وڌائي 2650 ڪيو ويو آهي.

مسافرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ ڀاڙا وڌائڻ سان غريب ماڻهو جي چيلهه ڀڄي پئي آهي. پهريان پبلڪ ٽرانسپورٽ تي غريب ماڻهو غمي خوشي تي هليو ويندو هو، هاڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو سفر به غريب ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف ٽرانسپورٽرز ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ گاڏين جا ٻيا اسپيئر پارٽس به مهانگا ٿي ويا آهن. ڀاڙن ۾ اضافو ڪرڻ مجبوري آهي. ٻئي صورت ۾ گاڏيون بند ڪرڻيون پونديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں