57

ملڪ ۾ عام چونڊن وارو معاملو، نگران وزيراعظم وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انواز الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته امن امان ۽ سرحدي صورتحال باوجود اليڪشن ۾ دير جو امڪان نظر نه پيو اچي.
آمريڪي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان اولهه ۽ اوڀر محاذ تي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، امن امان ۽ سرحدي صورتحال سبب عام چونڊن جي التوا جو امڪان نظر نه پيو اچي پر يقين آهي ته هڪ ئي وقت سرحدي خطرن تي به ظابطو آڻي چونڊ عمل بنا رنڊڪ مڪمل ڪرائي وٺنداسين.
آمريڪا جي دوري بابت ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشمير تڪرار جي ايجنڊا گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ گهڻي پراني آهي ۽ ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اسان ڪشيمر جي ڪيس جو دفاع ۽ ان جي وڪالت مختلف عالمي فورمز تي ڪندا رهنداسين.
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ڪشيمر کي هڪ وڏي جيل جي صورت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ڪشيمري قيدين وانگر زندگي گهاري رهيا، سندن آواز دٻايو پيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن بابت اهڙي قسم جون ڀڃڪڙيون نه آهن، جيڪي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاليسي جي نتيجي ۾ ڪيون پيون وڃن.


ميڊيا جي آزادي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن جو به نالو وٺڻ تي پابندي ناهي، ڪنهن جو به نالو کڻي سگهو ٿا، پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي جو معاملو جيڪڏهن سڀ کان بهتر نه سهي پر گهڻو بهتر ضرور آهي.
وزيراعظم چيو ته انساني حقن جي حوالي سان پاڪستان جي حڪومت ۽ رياستي ڪردارن جي حوالي سان، پاڪستان ۾ معاشي سڌارن جي حوالي سان ڪو اهڙو مسئلو نه آهي جنهن ۾ اوهان کي پنهنجي صدا بلند ڪرڻ جي اجازت نه هجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں