59

سائفر ڪيس ۾ ضمانت وارو معاملو، عدالت مان اهم بيان اچي ويو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ڪيس ۾ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي جيڪا ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
عمران خان پنهنجي وڪيل بيئرسٽر سلمان صفدر ذريعي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ هن عدالت کان ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي.
هن درخواست ۾ چيو ته فريادي ڌر جي بدنيتي تي ٻڌل ڪيس داخل ڪيو ۽ مون کي بدنيتي سان هٿ ٺوڪيي ڪيس ۾ نامزد ڪيو.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 14 سپٽيمبر تي آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت بي ظابطگين ۽ فريادي ڌر جا گهڻي قدر تضاد مڪمل طور نظر انداز ڪندي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سومر ڏينهن ٻڌڻي ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں