45

پي آءِ اي جو فضائي آپريشن بحال: ناڻي واري وزير خسارو برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:) ناڻي واري وزارت پي آءِ اي جي قرض تي وياج ۽ خسارو برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر نجڪاري ڊويزن ۽ پي آءِ اي انتظاميه کان نجڪاري پلان گهري ورتو آهي.

فضائي آپريشن بحال ٿي چڪو آهي، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب مالي بحران ۾ ڦاٿل قومي ايئر لائن جو ماهوار خسارو 12 ارب روپيه تائين پهچي ويو آهي. ذريعن موجب پي آءِ اي ڪمرشل بينڪن کان حڪومتي گارنٽي تي 260 ارب روپيه قرض کنيو آهي. ايئرلائين کي ايف بي آر کي هڪ ارب 25 ڪروڙ روپيه ٽيڪس ڏيڻو آهي جڏهن ته پي آءِ اي سول ايوي ايشن کي ماهوار هڪ ارب کان وڌيڪ جي ادائيگي نه ڪري رهيو آهي.

پي آءِ اي جي ماهوار آمدني 22 ارب ۽ خرچ 34 ارب تائين ۽ گڏيل خسارو 740 ارب روپين جي ويجهو پهچي چڪو آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پي آءِ اي جي نجڪاري فوري عمل ۾ آڻڻ جي تجويز آهي ڇو ته پي آءِ اي جي قرض جو خسارو اثاثن جي ماليت کان 5 ڀيرا وڌيڪ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں